محرابپور ۾سيپڪو اختيارين پاران رهتون ڄاڻائي فلٽر پلانٽ جي بجلي ڪاٽڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

mirpur

محرابپور ۾سيپڪو اختيارين پاران رهتون ڄاڻائي فلٽر پلانٽ جي بجلي ڪاٽڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

بدر سومرو،ظفر حيدري ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو خلاف نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان صاف پاڻيء جي فلٽر پالانٽ جي بجلي بند هجڻ ڪري شهري مجبورن گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته ضلعي انتظاميه جي نااهلي سبب فلٽر پلانٽ جي بجلي ڪاٽي وئي آهي، شڪايتن باوجود ڊي سي توڙي ٻيا عملدار  ڪوبه تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهن.

شهرين مطالبو ڪيو ته فلٽر پلانٽ جي ڪاٽيل بجلي بحال ڪري شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايوويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*