پاناما ليڪس جا انڪشاف قومي نوعيت جا آهن:مخدوم شاهه محمود قريشي

shah-mahmood-qurishi

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي سربراهيءَ ۾ پاناما ليڪس جي انڪشافن جي حوالي سان اهم اجلاس جاري آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي معاملو پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاناما ليڪس جا انڪشاف قومي نوعيت جا آهن.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي سربراهي هيٺ پارٽي اهم اجلاس بني گالا ۾ جاري آهي، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين، اسد عمر، شيرين مزاري ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ آهن.

اجلاس دوران پاناما ليڪس جي رپورٽس جو جائزو ورتو پيو وڃي، جنهن ۾ پاناما جي انڪشافن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي ويندي.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته پاناما ليڪس واري معاملي کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاناما ليڪس جا انڪشاف قومي نوعيت جا آهن، قوم جو مال لٽڻ تي سڀئي حقيقتون ڄاڻڻ گهرن ٿا، 7 اپريل تي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اپوزيشن سان گڏجي معاملو اٿاريو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*