بدين مان چونڊيل نواز ليگ جي اسماعيل راهو ۽ نوشهروفيروز مان چونڊيل پ پ ايم پي اي ضياءُ لنجار سنڌ اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کڻي ورتو

ismail-lunjahar

بدين مان چونڊيل نواز ليگ جي اسماعيل راهو ۽ نوشهروفيروز مان چونڊيل پ پ ايم پي اي ضياءُ لنجار سنڌ اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کڻي ورتو آهي، جڏهن ته اسپيڪر پاران ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي پي ٽي آءِ جي ميمبر خرم شير زمان ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج دراني، نواز ليگ جي اسماعيل راهو ۽ پ پ جي ضياءَ لنجار کي حلف کڻايو.

ٻنهي ميمبرن جي حلف کڻڻ بعد مختلف پارٽين جي ميمبرن کين ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون، جڏهن ته اسماعيل راهو ۽ ضياءَ لنجار  جي حمايت ۾ ايوان اندر جيئي ڀٽو ۽ جيئي نواز شريف جا نعرا هنيا ويا.

اجلاس دوران اسپيڪر پاران ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان ۽ اسپيڪر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن کانپوءِ خرم شير زمان ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*