سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس جي انڪشافن تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي:راڻا ثناءُ الله

rana-sanaullah

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس جي انڪشافن تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي، ڌرڻو هڻندڙ ڪنهن جي اشاري تي حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿا، عدالتي ڪميشن جي جاچ بعد سموريون حقيقتون سامهون اچي وينديون.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم پاناما ليڪس جي انڪشافن تي ڪميشن جي قيام جو اعلان ڪري سٺو قدم کنيو آهي.

هـُن چيو ته عدالتي ڪميشن جي جاچ کانپوءِ پاناما ليڪس جي انڪشافن بابت سموريون حقيقتون واضح ٿي وينديون، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ چاهي ته اها معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته ڌرڻو هڻندڙ به پاناما ليڪس جي انڪشافن ۾ ملوث آهن، اهي ڪنهن جي اشاري تي ملڪ جون حالتون خراب ڪرڻ چاهين ٿا پر کين پهريان وانگر هاڻي به ناڪام ٿيندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته ميڊيا تي ويهي الزام لڳائيندڙن جو پنهنجو ڪردار صحيح ناهي، جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن کي ڏوهي قرار نٿو ڏئي سگهجي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*