سـُپريم ڪورٽ، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

Supreme Court pakistan 7-7-15

سـُپريم ڪورٽ، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سمورين انڪوائرين جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته جيڪي آفيسر ڪم نٿا ڪن، انهن کي آفيسن مان ڪڍي ڪم ڪرايو وڃي.

جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ غير قانوني ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران عدالت جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي نيب چيئرمين قمر الزمان چوڌري ۽ نيب جي پراسڪيوٽر تي ڇنڊ پـَٽـِي.

جسٽس گلزار ، نيب چيئرمين کان سوال ڪيو ته 4 سال گذري ويا آهن، ڪيس ۾ اڳڀرائي ناهي ٿي، ڇا توهان جا هٿ ٻڌل آهن.؟

نيب چيئرمين جواب ڏنو ته جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ۽ هن وقت 630 کان وڌيڪ انڪوائريز به هلي رهيون آهن.

جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا ته جيڪي آفيسر ڪم نٿا ڪن، انهن کي آفيسن مان ٻاهر ڪڍي نيب پنهنجو ڪم ڪري.

عدالت، نيب چيئرمين کان انڪوائرين جا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*