پاناما ليڪس جي انڪشافن کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيارڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرايون ويون

nawaz

پاناما ليڪس جي انڪشافن کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيارڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرايون ويون آهن، درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم 2013ع جي عام چونڊن ۾ پنهنجا پرڏيهه ۾ اثاثا ظاهر نه ڪيا، هاڻي ملڪيت ظاهر ٿيڻ بعد آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت وزيراعظم جي عهدي لاءِ اهل ناهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مولوي اقبال حيدر پاران وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي لاءِ داخل ڪرايل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن، وفاقي حڪومت ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 2013ع جي عام چونڊن ۾ نواز شريف قومي اسيمبلي جي ميمبر لاءِ جمع ڪرايل حلف نامي ۾ پنهنجا پرڏيهه ۾ اثاثا ظاهر نه ڪيا هئا.

درخواستگذار موجب پاناما ليڪس ذريعي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب جو ڪاروبار ثابت ٿيو آهي، جنهن ڪري نواز شريف آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت نااهل ٿي ويو آهي.

ٻئي طرف تحريڪ انصاف لائير فورم جي اڳواڻ گوهر نواز سنڌو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ وزيراعظم نواز شريف سميت سموري شريف خاندان کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پاناما ليڪس جي انڪشاف مان ثابت ٿي ويو ته مني لانڊرنگ ٿي آهي، ان ۾ وزيراعظم نواز شريف جو پٽ حسن ۽ حسين نواز ملوث آهن، جڏهن ته مريم نواز تي به مني لانڊرنگ ثابت ٿي آهي.

عدالت، اهڙي درخواست شروعاتي ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

هوڏانهن پاناما ليڪس جَي انڪشافن کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف پاران رٽائرڊ ججز تي ٻڌل ڪميشن جوڙڻ وارو اعلان به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.

 درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪميشن جو اعلان ڪلين چٽ ڏيڻ برابر آهي،  الزامن جي جاچ نيب کان ڪرائي وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*