ڄامشوري ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي نرسن گذريل چئن مهينن کان وظيفو نه ملڻ خلاف هڙتال جاري رکندي احتجاجي مظاهرو ڪيو

jamshoro nurs protest

ڄامشوري ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي نرسن گذريل چئن مهينن کان وظيفو نه ملڻ خلاف هڙتال جاري رکندي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

لمس اسپتال جي نرسن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري هاسٽل کان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ نرسن جو چوڻ آهي ته گذريل چئن مهينن کان انتظاميا کين وظيفو جاري ناهي ڪيو، جنهن ڪري هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيون آهن.

هنن چيو ته انتظاميا نرسن کان شيڊيول کان وڌيڪ ٽائيم ڊيوٽي ڪرائي رهي آهي، جيڪا نا انصافي آهي، ان کانسواءِ هاسٽل ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ڪي به بنيادي سهولتون نه آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته کين رهيل وظيفو فوري طور جاري ڪري شيڊيول مطابق ڊيوٽي ورتي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*