تحريڪ انصاف پاناما ليڪس جي ذريعي ٿيل انڪشافن کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ التويٰ واري رٿ جمع ڪرائي ايوان ۾ بحث ڪرائڻ جو مطالبو

islamabadnationalassemblyi0

تحريڪ انصاف پاناما ليڪس  جي ذريعي ٿيل انڪشافن کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ التويٰ واري رٿ جمع ڪرائي ايوان ۾ بحث ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

تحريڪ انصاف جي عورت ميمبر شيرين مزاري قومي اسيمبلي ۾ التويٰ واري رٿ جمع ڪرائي، جنهن تي عمران خان ۽  شاهه محمود قريشي سميت ٻين ميمبرز جون صحيحون ٿيل آهن.

التويٰ واري رٿ ۾ چيو ويو آهي ته پاناما ليڪس ۾ ٿيل انڪشافن ملڪي آئين ۽ جمهوريت جي بنيادن کي متاثر ڪيو آهي، هن وقت عالمي ميڊيا ۾ به پاناما ليڪس تي ئي بحث  ڪيو  پيو  وڃي.

رٿ جي متن موجب پاناما ليڪس جي انڪشافن ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جي خاندان جا به نالا آيا آهن، جنهن بعد ڪيترن ئي اخلاقي توڙي قانوني سوالن جنم ورتو آهي.

پي ٽي آءِ جي رٿ ۾ چيو ويو ته هي معاملو آئين، چونڊ قانون، ٽيڪس قانون ۽ مني لانڊرنگ جي زمري ۾ اچي ٿو، ان ڪري ايوان جي معمول جي ڪارروائي روڪي پاناما ليڪس جي انڪشافن تي بحث ڪرايو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*