پنجاب جي شهر ميانوالي ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 18 ڄڻا فوت

mianwali-map

پنجاب جي شهر ميانوالي ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 18 ڄڻا فوت ۽ 13 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

ميانوالي جي ملتان روڊ تي ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ مسافر ڪوچ سامهون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ ٽن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن سميت 18 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته 13 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

اطلاع تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي ميانوالي اسپتال منتقل ڪيو، جتي اڪثر زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…… …………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*