حيدرآباد ۾ واسا ملازمن پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ خلاف شهر اندر پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند ۽ ڊرينيج سسٽم جام ڪري ڇڏيو

hyderabad-water-issue

حيدرآباد ۾ واسا ملازمن پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ خلاف شهر اندر پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند ۽ ڊرينيج سسٽم جام ڪري ڇڏيو آهي، شهر جي اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿي ويو.

واسا ملازمن ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجن شهرين کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي.

ملازمن پاران ڊرينيج سسٽم جام ڪرڻ سبب شهر جي اڪثر علائقن ۾ نيڪاسي وارو پاڻي بازارن ۽ گهٽين ۾ بيهجي ويو آهي.

ملازمن جو چوڻ آهي ته ريگيولر ملازمن کي 5 مهينن ۽ ڪانٽريڪٽي ملازمن کي 9 مهينن کان پگهارون نه مليون آهن، جڏهن ته ريٽائرڊ ملازمن کي 5 مهينن کان پينشن به نه ملي سگهي آهي.

هنن چتاءُ ڏنو ته ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن جاري نه ڪئي وئي ته شهر اندر پاڻيءَ جي فراهمي بند ۽ ڊرينيج سسٽم جام رکيو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*