جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پاناما ليڪس جي انڪشافن کي غير اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙا انڪشاف اڳ ۾ به ٿيندا رهيا آهن

molana-fazal-rahman12-8

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پاناما ليڪس جي انڪشافن کي غير اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙا انڪشاف اڳ ۾ به ٿيندا رهيا آهن، هُو ان کي اهميت ڏيڻ مناسب نٿو سمجهي.

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پناما ليڪس جي انڪشافن ۾ اهم شخصيتن جا نالا شامل آهن، ٻڌو آهي ته حڪومت انڪشافن جي جاچ لاءِ ڪميشن به جوڙي رهي آهي.

هن چيو ته ملڪ ڏکئي گهڙي مان گذري رهيو آهي، قوم کي اهڙين افواهن تي ڌيان ڏيڻ بدران پاڪستان جي بهتري لاءِ ادارن سان سهڪار ڪرڻ گهرجي.

مولانا فضل الرحمان عورتن جي تحفظ واري بل بابت ڳالهائيندي چيو ته پنجاب اسيمبلي مان پاس ڪرايل بل تي مذهبي جماعتن خدشا ظاهر ڪيا، جيڪي ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومت خاطري ڪرائي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*