سـُپريم ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ٻين مخصوص سيٽن تي چونڊ هٿ مٿي کڻي راءِ جو اظهار ڪرڻ واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا

superemcourt12-8

سـُپريم ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ٻين مخصوص سيٽن تي چونڊ هٿ مٿي کڻي راءِ جو اظهار ڪرڻ واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا آهن، عدالت سنڌ حڪومت جي وڪيل کي سڀاڻي تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ٻين مخصوص سيٽن تي چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ايم ڪيو ايم جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته مڪاني نمائندا ئي نظام هلائيندا آهن، اهو نٿو ٿي سگهي ته سرڪاري آفيسر ئي نظام کي هلائين.

فروغ نسيم چيو ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ کان اڳ ڳجهي راءِ شماري ذريعي چونڊ ڪرائڻ جو قانون هو پر شيڊول جي اعلان بعد سنڌ حڪومت قانون کي تبديل ڪيو، جنهن مان سرڪار جي نيت ظاهر ٿئي پئي.

فروغ نسيم جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، سڀاڻي سنڌ سرڪار جو وڪيل دليل ڏيندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*