پاڪستان جي مستقل سفير ملحيه لوڌي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

malia-lodhi

سـُپريم ڪورٽ،  جنرل اسيمبلي ۾ انگريزي ۾ تقرير ڪرڻ تي وزيراعظم نواز شريف ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير ملحيه لوڌي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس دوست محمد کوسا ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اردو کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار محمود اختر نقوي ۽ ڪوڪب اقبال موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ اردو کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏيڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي پر ان باوجود وزيراعظم ۽ مليحه لوڌي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ انگريزي ۾ تقريرون ڪيون.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته وزيراعظم ۽ مليحه لوڌي خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي وڃي.

عدالت، اهڙي درخواست رد ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم گڏيل قومن تي لاڳو نٿو ٿئي، گڏيل قومن جي رولز ۾ اردو ۾ تقريرون ڪرڻ جي اجازت ناهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*