قمبر ۾ ليٽر تي صحيح نه ڪرڻ تان گسٽا جي ضلعي اڳواڻ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر کي مارڪٽ ڪري زخمي ڪري وڌو

Qamber map

قمبر ۾ ليٽر تي صحيح نه ڪرڻ تان گسٽا جي ضلعي اڳواڻ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر کي مارڪٽ ڪري زخمي ڪري وڌو، ڊي اي او جو چوڻ آهي ته گسٽا اڳواڻ خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

گسٽا جي ضلعي اڳواڻ مختيار بليدي ليٽر تي صحيح نه ڪرڻ تان ڊي اي او آغا حق نواز کي مارڪٽ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو.

ڊي اي او آغا حق نواز جو چوڻ هو ته گسٽا اڳواڻ جي ليٽر تي صحيح ڪرڻ لاءِ ويري فائو ڪرڻ جو وقت گهريو ويو، جنهن تي هن مٿس تشدد ڪيو آهي.

ڊي اي او جو وڌيڪ چوڻ هو ته گسٽا اڳواڻ خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

گسٽا اڳواڻ مختيار بليدي جو چوڻ هو ته ڊي اي او کي پگهار ڏيڻ واري ليٽر تي صحيح ڪرڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي جهيڙو ٿيو هو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*