ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي حملي ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي ايم اين اَي شاهجهان بلوچ ۽ امين بليدي بيان رڪارڊ ڪرائي ورتا

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي حملي ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي ايم اين اَي شاهجهان بلوچ ۽ امين بليدي بيان رڪارڊ ڪرائي ورتا.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پ پ ايم اين اي شاهجهان بلوچ ۽ امين بليدي پيش ٿي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا.

شاهجهان بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته هــُو پيپلز پارٽي جو ڪارڪن ۽ عوامي نمائندو آهي، لياري گينگ وار سان سندس ڪوبه تعلق نه آهي.

هن چيو ته 2012ع ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي نه ته هــُن حملو ڪيو ۽ نه ئي سندس چوڻ تي حملو ٿيو، رينجرز ۽ پوليس بنا جواز کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو آهي.

عدالت لياري گينگ وار جي جوابدار امين بليدي ۽ رمضان جا بيان پڻ قلمبند ڪري ورتا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*