ڪراچي جي عدالت دوکيبازي واري ڪيس ۾ سرفراز مرچنٽ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي کيس 21 مارچ تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

sarfraz-mirchant

ڪراچي جي عدالت دوکيبازي واري ڪيس ۾ سرفراز مرچنٽ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي کيس 21 مارچ تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ سرفراز مرچنٽ خلاف دوکيبازي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت سرفراز مرچنٽ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي کيس 21 مارچ تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سرفراز مرچنٽ خلاف درخشان ٿاڻي تي 12 مارچ 2014ع تي زبردستي گاڏي ڦر ڪرڻ جو ڪيس داخل آهي.

واضح رهي ته سرفراز مرچنٽ لنڊن ۾ متحده سربراهه خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جو اهم شاهد به آهي، جنهن گذريل ڏينهن ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ پنهنجو بيان به رڪارڊ ڪرايو هو.

سرفراز مرچنٽ اڄ صبح ڪراچي ايئرپورٽ تان لنڊن روانو ٿي ويو، جنهن بعد عدالت سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*