وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي بابت اعليٰ سطحي اجلاس دوران ملڪ اندر پرڏيهي ڳجهن ادارن جي سرگرمين تي ڳڻتيءَ

nawaz-meeting

وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي بابت اعليٰ سطحي اجلاس دوران ملڪ اندر پرڏيهي ڳجهن ادارن جي سرگرمين تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي معاملو عالمي سطح تي اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام محفوظ هٿن ۾ آهي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي قومي سلامتي بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرز وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير پرويز رشيد کان علاوه آرمي چيف جنرل راحيل شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل راشد محمود، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾  دهشتگردي جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته امريڪا کان ايف 16 جهازن جي خريداري وارن معاملن، سرحدي صورتحال ۽ ٻين اهم معاملن تي به  ويچاريو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران ملڪ اندر پرڏيهي ڳجهن ادارن جي سرگرمين ۽ پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ وارين ڪوششن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ اندر پرڏيهي ايجنسين جي ايجنٽن جي سرگرمين وارو معاملو عالمي سطح تي اٿاريو ويندو.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام محفوظ هٿن ۾ آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڪيورٽي ادارن جي قربانين کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*