سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ گاڏين جي رجسٽريشن سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو

sindh-assembly11-12-15

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ گاڏين جي رجسٽريشن سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو، جڏهن ته ميڊيڪل ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوشنز جي قيام بابت جوڙيل بورڊ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽي کي استحقاق ڪميٽي پاران سزا جي سفارش ڪرڻ واري رپورٽ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي، جنهن خلاف فنڪشنل ليگ ميمبرز احتجاج ڪيو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ  ٿيو، جنهن دوران پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ 165 ملين گيلن پاڻي جي فراهمي لاءِ ٻن رٿائن بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو.

مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن، شهر کي پاڻي جي فراهمي لاءِ هڪ سئو ملين گيلن ۽ 65ملين گيلن پاڻي وارن ٻن منصوبن لاءِ ٽنڊر هلندڙ مهيني کوليا ويندا.

صوبائي وزير سڪندر منڌري پ پ ايم پي اي شاهد ٿهيم جي ميڊيڪل ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوشنز جي قيام بابت جوڙيل بورڊ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽي خلاف استحقاق واري رٿ تي استحقاق ڪميٽي پاران کيس  سزا جي سفارش واري رپورٽ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي.

ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽو کي استحاق ڪميٽي پاران ٻڌايل سزا جي سفارش خلاف فنڪشنل ليگ جي نند ڪمار گوڪلاڻي ۽ سعيد خان نظاماڻي احتجاج ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ڇٽي کي سزا ٻڌائي غلط روايت وڌي پئي وڃي.

سوالن جوابن جي وقفي دوران ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو جعلي نمبر پليٽس ۽ رنگين شيشن وارين گاڏين خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي.

اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي ايندڙ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*