متحده ايم پي اي بلقيس مختيار، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعفيٰ ڏئي مصطفيٰ ڪمال جي پارٽي پاڪ سرزمين ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

balqis-

متحده ايم پي اي بلقيس مختيار، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعفيٰ ڏئي مصطفيٰ ڪمال جي پارٽي پاڪ سرزمين ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته، اسان ڪنهن پارٽي کي ٽارگيٽ نه ڪيو آهي، سچ ڳالهايان ٿو ته نائن زيرو پريشان ٿي وڃي ٿو.

متحده ايم پي اي بلقيس مختيار  پريس ڪانفرنس  دوران  ايم ڪيو ايم کي الوداع چئي پاڪ سرزمين پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۾ اسان سان جيڪي وعده ۽ ڳالهيون ڪيون ويون، انهن مان هڪ تي به عمل نه ٿيو، پر پارٽي ملڪ دشمن رستن تي هلڻ شروع ٿي وئي، جيڪا اسان جي ابن ڏاڏن جي قربانين ۽ انهن جي ڏسيل رستي جي خلاف هئي.

هن چيو ته، ايم ڪيو ايم ۾ رهندي اسان جي سڃاڻپ ٽارگيٽ ڪلرز، ڀته خور، دهشتگرد ۽ “را”  جو ايجنٽ ٿي وئي جيڪا اسان سان وڏي زيادتي هئي.

   بلقيس مختيار سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعفيٰ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته هوءَ ايم ڪيو ايم جي انهن ميمبرن کي چوي ٿي ته هو به دليري جو مظاهرو ڪري متحده کي ڇڏين، مان عورت ٿي ڪري اهڙو فيصلو ڪري سگهان ٿي ته اوهان پنهنجي مردانگي ڏيکاريو.

ان موقعي تي پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراه مصطفيٰ ڪمال چيو ته، ايم ڪيو ايم جا “را” سان لاڳاپا رهيا آهن، جنهن جو اعتراف پارٽي جي اهڪ ذميوار اڳواڻ محمد انور ڪري چڪو آهي.

هن چيو ته محمد انور اعتراف ڪيو هو ته هن “را” جي ماڻهن جي پارٽي سربراه سان لنڊن ۾ ملاقات ڪرائي هئي، جنهن کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته، اسان جي پارٽي جو جعلي ليٽر پيڊ ٺاهي پروپگئنڊه شروع ڪئي وئي آهي ان تي ڪو به يقين نه ڪري.

هن چيو ته،اسان جو مقصد ڪنهن پارٽي کي ٽارگيٽ ڪرڻ نه آهي، جيڪڏهن هتي سچ ڳالهايان ٿو ته، نائن زيرو هُتي پريشان ٿي وڃي ٿي.

هن چيو ته مٿن اسٽيبلشمنٽ جي  ايجنٽ هجڻ جو الزام هنيو وڃي ٿو، جيڪڏهن  هو اسٽيبلشمنٽ جا هجن ها ته اڄ نائن زيرو کي تالو لڳي چڪو هجي ها…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*