پاناما ليڪس پٺيان عالمي سازش ٿي سگهي ٿي، دستاويزن ۾ سپر پاور امريڪا جو ذڪر ئي ناهي: راڻا ثناءُ الله

rana-sanaullah

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاناما ليڪس پٺيان عالمي سازش ٿي سگهي ٿي، دستاويزن ۾ سپر پاور امريڪا جو ذڪر ئي ناهي، ٿي سگهي ٿو اها چين خلاف سازش هجي.

پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پاناما پيپرز جي سربراهه ڊيٽا چوري ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي، پاناما ليڪس چوري ٿيل مواد آهي، ان جي ڪو به ذميواري قبول نه پيو ڪري.

هـُن چيو ته پاناما ليڪس جي الزامن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وئي آهي، تنهن ڪري الزامن لڳائڻ بدران جاچ مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪيو وڃي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته پاناما ليڪس ۾ جاپان ۽ چيني سربراهن جا نالا به شامل آهن پر سپر پاور امريڪا جو ذڪر ناهي، ٿي سگهي ٿو دستاويز جاري ڪرڻ جو مقصد چين خلاف سازش هجي.

هڪ سوال جي جواب ۾ پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته پنجاب ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري آهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهيون……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*