را” ايجنٽ تائين پهچڻ ڏيڻ بابت ڀارتي حڪومت جي درخواست تي غور جاري آهي:پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه

nafis zakria

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه چيو آهي ته “را” ايجنٽ تائين پهچڻ ڏيڻ بابت ڀارتي حڪومت جي درخواست تي غور جاري آهي، ڀارتي ايجنٽ جي اعترافي بيان جي روشني ۾ ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوثن خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن، ايران پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه چيو ته ڀارتي ڳجهي اداري را جي ايجنٽ ڪل ڀوشن ياديـِوکان جاچ جاري آهي، ان معاملي تي عالمي برادري کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ ضروري قدم کنيا آهن، ايجنٽ تائين قونصلر پهچ ڏيڻ بابت ڀارتي حڪومت جي درخواست تي به غور ڪيو پيو وڃي.

هـُن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڀارتي ايجنٽ کان ٿيل جاچ ۽ اعترافي بيان جي روشني ۾ ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته افغان ايجنٽ جي گرفتاري بابت کيس  ڪا ڄاڻ ناهي.

پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ سڪيورٽي ۽ عسڪري لاڳاپا آهن، تهران پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ ايران صدر اسلام آباد جي دوري دوران پاڪستان جي سلامتي  کي پنهنجي سلامتي قرار ڏنو هو.

نفيس ذڪريه وڌيڪ چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس تي حملي بعد سوامي آدمي بند نالي هڪ شخص دهشتگردي جو اعترافي بيان ڏنو هو، ڀارت ڪيترائي ڀيرا سمجهوتا سانحي جي جاچ واري درخواست تي نتيجن کان آگاهه ناهي ڪيو، اهو معاملو نئين دهلي آڏو اٿاريندا رهنداسين.

پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته افغان طالبان ۽ ٻين گروهن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ رڳو پاڪستان جي ذميواري ناهي، ان لاءِ چئني ملڪن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*