چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي نئين طريقيڪار تحت مقرري جي سفارش ڪندي پاناما ليڪس جي بيان بابت وضاحت طلب ڪري ورتي

Election--11-11

چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي نئين طريقيڪار تحت مقرري جي سفارش ڪندي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جي پاناما ليڪس جي بيان بابت وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.

چيئرمين نويد قمر جي صدارت هيٺ چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري واري طريقيڪار تي غور ڪيو ويو.

ڪميٽي حڪومت نئين طريقيڪار تحت اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري جي سفارش  ڪئي، جڏهن ته حڪومت پاران نئين طريقيڪار تي عمل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.

ڪميٽي چيئرمين نويد قمر چيو ته حڪومت کي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري لاءِ جون کان اڳ آئيني ترميم آڻڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ڪميٽي چيئرمين پاناما ليڪس واري معاملي تي بيان ڏيڻ تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.

نويد قمر چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بيان ڏنو آهي ته چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جي هدايت کانسواءِ پاناما ليڪس جي انڪشافن تي ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي.

نويد قمر چيو ته چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جو پاناما ليڪس جي انڪشافن سان واسطو نه آهي، جيڪڏهن سيڪريٽري اهڙي قسم جو بيان ڏنو آهي ته ڪميتي ۾ پيش ٿي وضاحت پيش ڪري……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*