ڪراچي پوليس، لياري ۾ دڪان تي دستي بم حملي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي

KARACHI-police08-9

ڪراچي پوليس، لياري ۾ دڪان تي دستي بم حملي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي، پوليس جو چوڻ آهي ته لياري گينگوار جو وصي الله گروپ واپارين تي حملا ڪري رهيو آهي.

گذريل ڏينهن لياري جي ڪاغذي بازار ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان جوابدارن دڪان تي دستي بم سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 دڪاندار زخمي ٿي پيا هئا.

پوليس حملي جي شروعاتي جاچ رپورٽ تيار ڪندي چيو آهي ته لياري گينگوار جو وصي الله گروپ شهر جي وڏين مارڪيٽن ۾ دڪاندارن تي حملن ۾ ملوث آهي.

شروعاتي رپورٽ موجب، وصي الله لاکو گروپ جا 60 کان وڌيڪ ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي ڀتو نه ڏيڻ تان واپارين تي حملا ڪري رهيا آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*