لائنز ايريا ۾ هڪ پولنگ اسٽيشن تي متحده ۽ حقيقي جي ڪارڪنن ۽ ٻئي پولنگ اسٽيشن تي عورتن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو

polig

ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 245 ۽ پي ايس 115 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ عمل جاري آهي، پولنگ اندر ۽ ٻاهر رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لائنز ايريا  ۾ هڪ پولنگ اسٽيشن تي  متحده ۽ حقيقي جي ڪارڪنن ۽ ٻئي  پولنگ اسٽيشن تي عورتن  وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.

    ايم ڪيو ايم جي ريحان هاشمي ۽ ارشد وهرا جي استعيفائن کانپوءِ اين اي  245 ۽ پي ايس 115 تي ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جاري آهي، ٻنهي تڪن جي ڪجهه  پولنگ اسٽيشنز  تي ووٽنگ عمل دير سان شروع ٿيو.

        لائنز ايريا  جي پولنگ اسٽيشن نمبر 80 تي متحده ۽ حقيقي جي ڪارڪنن ۽ پولنگ اسٽيشنز گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ عورتن  وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن کانپوءِ رينجرز صورتحال تي ضابطو آندو.

    رينجرز کي مئجسٽرِيٽ جا اختيار ڏئي پولنگ اسٽيشنز اندر ۽ ٻاهر  مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر  لائينز ايريا واري علائقي ۾ پولنگ اسٽيشن 7 جو دورو ڪري سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.

 ڊي جي رينجرز اهلڪارن لاءِ برياني موڪلي جنهن  جي دٻن تي بهتر ڪارڪردگي تي شا باش لکيل هئي.

    صوبائي اليڪشن ڪمشنر تنوير ذڪي ۽ ڊي آر او سينٽرل اصغر سيال مختلف پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪري پولنگ عمل جو جائزو ورتو،  صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو ته لائينز ايريا ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ رينجرز صورتحال تي ضابطو آندو.

   ڪراچي جي اين اي 245 تي ننڍي چونڊ دوران پهاڙ گنج ۽ انٽر ميڊيئيٽ بورڊ پولنگ اسٽيشنز ڀرسان هڪ سياسي پارٽي پاران لڳايل ڪئمپون هٽايون ويون.

             اين اي 245 تي 15 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو اميدوار امجد الله خان متحده جي اميدوار ڪمال ملڪ جي حق ۾ هٿ کڻڻ بعد ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي ويو آهي.

       اين اي 245 تي 227 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان اڪثر پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ حساس قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته اين اي 245 تي 4 لک 9 هزار ڇهه سئو 55 ووٽرز رجسٽرڊ آهن.

 پي ايس 115 تي 83 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 66 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي،ان تڪ تي رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ هڪ لک 62 هزار 6 سئو 14 آهي.

ڪراچي ۾ پي ايس 115 تي ننڍي چونڊ دوران مختلف پولنگ اسٽيشنس تي بجلي بند هئڻ سبب ميڻ بتيون ٻاري پولنگ  عمل جاري رکيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*