صحت واري عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته دنيا ۾ شوگر جو مرض تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ هر يارنهن بالغ ماڻهن ۾ هڪ ڄڻو شوگر جو مريض آهي

diaetesصحت واري عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته دنيا ۾ شوگر جو مرض تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ هر يارنهن بالغ ماڻهن ۾ هڪ ڄڻو شوگر جو مريض آهي.

شوگر جي مرض جي حوالي سان جائزو رپورٽ جاري ڪندي ڊبليو ايڇ او چيو ڄاڻايو آهي ته 1980ع ۾ 10 ڪروڙ 80 لک ماڻهو شوگر جو شڪار هئا، جيڪو انگ 2014ع ۾ چئوڻي ٿي 42 ڪروڙ 20 تائين پهچي ويو آهي.

عالمي اداري جي رپورٽ موجب رت ۾ شوگر جي گهڻائي هاڻي هڪ خطرناڪ بيماري بڻجي چڪي آهي ۽ هر سال دنيا ۾ 37 لک موت اهڙا ٿي رهيا آهن، جن ۾ شوگر جي واڌ جو عنصر شامل هوندو آهي.

اداري جي عملدارن موجب جيڪڏهن حڪومتن فوري قدم نه کنيا ته شوگر جي مرض سبب مرندڙ ماڻهن جو انگ وڌندو رهندو.

ڊبليو ايڇ او جي جائزي ۾ شوگر جي ٽائپ ون ۽ ٽائپ ٽو کي گڏيل طور تي رکيو ويو آهي پر گهڻي واڌ ٻئي قسم جي شوگر ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

 شوگر جو ٻيو قسم جو تعلق زندگي جي غير صحتمند  طرز سان آهي، اڄڪلهه دنيا ۾ هر ٽن مان هڪ شخص ٿولهه جو شڪار آهي ۽ جيئن جيئن ماڻهن جي چيلهه وڌي ٿي، تيئن شوگر جي مريضن ۾ واڌ ٿئي ٿو.

ڊبليو ايڇ او جي شوگر خلاف مهم جي سربراهه ڊاڪٽر اتيني ڪرگ جو چوڻ هو ته شوگر هڪ خاموش مرض آهي پر اهو اهڙو خطرناڪ مرض بڻجي چڪو آهي، جنهن کي فوري طور روڪڻ ضروري آهي.

رت ۾ شوگر جي مقدار تي قابو نه رهڻ صحت لاءِ گهڻو خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، شوگر وڌيل هجي ته دل جو دورو پوڻ جو خطرو ٽي ڀيرا وڌي وڃي ٿو، شوگر جي مريض جي ڄنگهه ڪٽجڻ جا امڪان به 20 ڀيرا وڌيڪ ٿي وڃي ٿو  ۽ گڙدن جو مرض، نظر ختم ٿي وڃڻ سان گڏ حمل ۾ پيچيدگي جهڙا مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

انگن اکرن موجب شوگر دنيا جو اٺون وڏو مرض آهي، جنهن سان سڀ کان وڌيڪ موت ٿين ٿا، هر سال 15 لک ماڻهو شوگر جي مرض سبب فوت ٿي وڃن ٿا، انکانسواءِ 22 لک موت اهڙا هوندا آهن، جيڪي رت ۾ شوگر جي واڌ سان لاڳاپيل آهي  ۽ 70 سال جي عمر کان اڳ انتقال ڪندڙ ماڻهن مان 43 سيڪڙو اهڙا هوندا آهن، جن کي شوگر هوندي آهي.

1980ع ڌاري شوگر جي مريضن جو وڏو انگ ترقي يافته ملڪن ۾ رهندڙ هو، جتي زندگي جو معيار بهتر هو پر هاڻي ان لاڙي ۾ تبديلي اچي چڪي آهي ۽ هاڻي شوگر جي مريضن جو انگ وچولي آمدني رکندڙ ملڪن توڙي اسرندڙ ملڪن ۾ وڌيڪ ٿي ويو  آهي، 1980ع ۾ وچ اوڀر ۾ شوگر جي مريضن جو انگ 5 ڏهائي 9 هو پر هاڻي اهو 13 ڏهائي 7 سيڪڙو ٿي ويو آهي،

ڊاڪٽر ڪرگ جو چوڻ آهي ته شوگر کان بچڻ جو سڀ کان آسان حل اهو آهي ته اسان سڀ ورزش ڪيون، صحمند خوراڪ کائون ۽ ٿولهه کان بچون پر ظاهر آهي ته اهو سڀ ڪرڻ آسان نه آهي، انڪري حڪومتن کي گهرجي ته خوراڪ ۾ چرٻي ۽ کنڊ جي مقدار تي ضابطو آڻين ۽ اهو يقيني بڻائين ته ماڻهن کي صحتمند خوراڪ ملي سگهي.

ڊبليو ايڇ او جي ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته حڪومتن کي گهرجي ته شهرن جي منصوبابندي اهڙي ڪن جو ماڻهو سائيڪل هلائي سگهن ۽ پنڌ به هلي سگهن ۽ عورتن کي همٿايو وڃي ته ٻارن کي ٿڃ پيارين.

ڊاڪٽر ڪرگ جو چوڻ هو ته پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي هر يارنهون ماڻهو شوگر جي بيماري جو شڪار آهي ۽ انصاف جي کوٽ آهي، گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ شوگر ۾ مبتلا مريضن کي دوائن ۽ ٽيڪنالاجي جي ضرورت آهي پر انهن کي اهي شيون ميسر نه آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*