سانگهڙ ۾ بااثر پاران لڏائڻ خلاف سما برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جي گهر ڪئي

sanghar-protest

سانگهڙ ۾ بااثر پاران لڏائڻ خلاف سما برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جي گهر ڪئي.

سانگهڙ پريس ڪلب ٻاهران سما برادري جي ماڻهن عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي دانهيو ته هو گُجرِي ويهجو نارا ڪئنال جي ڪپ تي 40 سالن کان آباد آهن، جتان هاڻ هڪ بااثر کين لڏائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ وزير ، آچر، عالم، ڪريمان ۽ سوڍي دانهيندي چيو ته هو مسڪين ماڻهو آهن، مال چاري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آهن.

هنن چيو ته منگلي پوليس بااثر ماڻهن سان مليل آهي، بااثر ماڻهو خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪري  تحفظ ڏنو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*