ٺل ۾ بنگلاڻي ۽ بجاراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڌڪو اچڻ سبب فوت ٿي ويل عورت جي وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو

thul-protest

ٺل ۾ بنگلاڻي ۽ بجاراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڌڪو اچڻ سبب فوت ٿي ويل عورت جي وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

ڳوٺ پير بخش بنگلاڻي ۾  بنگلاڻي ۽ بجاراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيهڙي دوران ڌڪو اچڻ سبب عورت ارباب خاتون فوت ٿي وئي.

عورت جي فوت ٿيڻ بعد بنگلاڻي برادري جي ماڻهن لاش پريس ڪلب آڏو رکي جيهڙو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

مظاهرين چيو ته بجاراڻي برادري جي هٿيار بندن سندن ڳوٺ تي حملو ڪري اوطاق کي باهه ڏني ۽ عورت کي ڌڪا ڏئي قتل ڪيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*