ڪراچي جي عدالت رينجرز خلاف ريلي ڪڍڻ واري ڪيس ۾ متحده اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري

dr-farooq-satar

ڪراچي جي هڪ عدالت رينجرز  خلاف ريلي ڪڍڻ دوران چڙ ڏياريندڙ تقريرن واري  ڪيس ۾ فاروق ستار، نسرين جليل، خالد مقبول ۽ فيصل سبزواري سميت 20 اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري  ڇڏيا آهن.

جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت رينجرز خلاف ريلي ڪڍڻ دوران ڪيس ۾ متحده اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن.

متحده اڳواڻن تي ڪجهه وقت اڳ عزيز آباد کان لياقت آباد تائين  ريلي ڪڍڻ دوران لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ وارو  ڪيس داخل  ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*