پشاور سانحي سڄي قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي احسن اقبال

منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پشاور سانحي سڄي قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته امن ۽ استحڪام کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته پشاور سانحي سڄي قوم کي دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ متحد ڪري ڇڏيو آهي ۽ دهشتگردن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي.

هن چيو ته پشاور ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ سانحي ڪر کنيو آهي، جنهن تي سڄي دنيا کي افسوس آهي، جڏهن ته انهي سانحي پاڪستان ۾ به سڄي قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*