سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ ۽ ڪوهيڙي سبب زندگي جو ڪاروهنوار متاثر ٿي ويو

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٿڌ  ۽ ڪوهيڙي سبب صبح سوير زندگي جو ڪاروهنوار متاثر ٿي ويو آهي، شديد ڌنڌ سبب روڊ حادثا به معمول بڻيل آهن، ناري ويجهو ڌنڌ سبب ڪار روڊ تان لهڻ بعد ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

لاڙڪاڻي ۾ صبح سوير شديد ڪوهيڙي سبب رهواسي گهرن تائين مهدود  ٿي ويا، جڏهن ته صبح سوير کلندڙ دڪان به بند رهيا.

شيد ڪوهيڙي سبب ناري ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار روڊ تان لهڻ بعد ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ 4 ٻارڙا ۽ 2 عورتون به شامل آهن، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*