لاڙڪاڻي ويجهو شادي تقريب دوران بيهوشيءَ جي حالت ۾ هٿ آيل ٻن نوجوانن مان هڪ ڄڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿيڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو

larkano-child-

لاڙڪاڻي ويجهو شادي تقريب دوران بيهوشيءَ جي حالت ۾ هٿ آيل ٻن نوجوانن مان هڪ ڄڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿيڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوانن کي ايڪو سائونڊ سسٽم لڳائڻ لاءِ گهرائي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو، جاچ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي.

ڳوٺ ذڪريا مهيسر ۾ شادي تقريب دوران ٻه ڄڻا بيهوشي حالت ۾ هٿ آيا، جن مان هڪ ڄڻو ڪاشف مگسي چانڊڪا اسپتال ۾ فوت ٿي ويو ۽ نويد ڪنڀر  جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

فوت ٿيل ڪاشف مگسي جي چاچي احمد علي مگسي الزام هنيو آهي ته ٻنهي ڄڻن کي ايڪو سائونڊ لڳائڻ لاءِ گهرايو ويو هو، جتي کين نشو ڏئي بدفعلي ڪئي وئي.

هن چيو ته زهريلي کاڌي کائڻ سبب ٻنهي ڄڻن جي حالت خراب ٿي وڃڻ واري ڳالهه ۾ غلط آهي، ميڊيڪل بورڊ جوڙي معاملي جي جاچ ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*