ڄام نواز علي ڀرسان ڳوٺ بادل مري ۾ باهه لڳڻ ڪري 8 گهر ۽ جهوپڙيون سڙي رک ٿي ويون، متاثر هاري ڪٽنب کليل آسمان هيٺ ويٺل

fire-

ڄام نواز علي ڀرسان ڳوٺ بادل مري ۾ باهه لڳڻ ڪري 8 گهر ۽ جهوپڙيون سڙي رک ٿي ويون، متاثر هاري ڪٽنب کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.

 ڳوٺ بادل مري ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ مان باهه لڳڻ ڪري اميد مري، صادق مري، معشوق مري، نواز علي مري سميت 8 ڄڻن جي گهرن کي باهه وڪوڙي وئي، جڏهن ته گهر ۾ پيل اناج، گهريلو سامان سميت سمورو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.

ٻئي طرف اطلاع تي فائر برگيڊ پهچي ڳوٺاڻن جي مدد باهه تي ضابطو آندو، جڏهن ته ڳوٺ جي چڱي مڙس بادل مري ٻڌايو ته متاثر ڪٽنب کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، هن وس وارن کي متاثر ڪٽنبن جي واهر جي اپيل ڪئي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*