قمبر ۽ شهدادڪوٽ ۾ صفائي ۽ ٻيا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف واپارين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا

قمبر ۽ شهدادڪوٽ صفائي ۽ ٻيا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف شهرين ۽  واپارين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

 قمبر جي مختلف علائقن ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف واپارين ڪاروباري مرڪز بند ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شهدادڪوٽ  شهر ۾ صفائي سميت ٻيا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف عورتن احتجاجي ريلي ڪڍي ٽي ايم او آفيس  آڏو چوريون ۽ روا ٽنگي ڇڏيا.

مظاهرين جو چوڻ هو ته صفائي نه ٿيڻ ڪري روڊن رستن تي گندو پاڻي هيٺل آهي، جنهن سبب مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري صفائي جو نظام بهتر بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*