خيرپور ڀرسان چنا ۽ راڄپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙي جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا

khirpur-zakhmi

خيرپور ڀرسان چنا ۽ راڄپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙي جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڪرونڊي ويجهو راڄپر ۽ چنا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان جيهڙي جي نتيجي ۾ ڌرين هڪ ٻئي تي لٺين ۽ ڪهاِڙين جو وسڪارو لائي ڏنو.

جيهڙي جي نتيجي ۾ نوجوان سلطان راچپر، ممتاز راڄپر، بنگل، ظهور، اويس، نذير چنو، مير حسن، محمد رشيد ۽ قائم چنو زخمي ٿي پيا.

زخمين کي خيرپور جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*