حڪومت، پاناما ليڪس جي الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جي سربراهي لاءِ جسٽس رٽائرڊ سائر علي سان رابطو

nawaz

حڪومت، پاناما ليڪس جي الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جي سربراهي لاءِ جسٽس رٽائرڊ سائر علي سان رابطو ڪيو آهي، جسٽس رٽائرڊ سائر علي معذرت ڪندي چيو آهي ته هو ذاتي سببن جي ڪري ڪميشن جي سربراهي نٿو ڪري سگهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزارت پاناما ليڪس جي الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ بابت قاعدن ۽ ضابطن تي مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي.

ذريعن موجب، انڪوائري ڪميشن 2 کان ٽن رٽائرڊ ججز تي ٻڌل هوندي، جنهن جي سربراهي لاءِ حڪومت پاران جسٽس رٽائرڊ سائر علي سان رابطو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالتي ڪميشن کي مڪمل طور بااختيار بڻايو ويندو ۽ ڪميشن وٽ ڪنهن کي به طلب ڪرڻ جو اختيار هوندو.

جسٽس رٽائرڊ سائر علي حڪومت پاران ساڻس رابطو ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هـُو انڪوائري ڪميشن جون ذميواريون نٿو نڀائي سگهي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حڪومت ڪميشن جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس تصديق حسين جيلاني ۽ جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ سان به رابطو ڪري چڪي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*