ڪراچي جي شفيق موڙ ويجهو ڪار تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا

karachi-rangres-21-11

ڪراچي جي شفيق موڙ ويجهو ڪار تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جن جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

تيموريا ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن هڪ ڪار تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جن جي صادق، هاشم ۽شاهد جي نالن سان سڃاڻپ ٿي آهي.

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٽنهي ڄڻن جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ٽن ڄڻن جي قتل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه وري پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*