سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڪڻڪ جا خريداري مرڪز کولڻ ۽ عام آبادگارن کي بارداڻو ڏيڻ لاءِ نواز ليگ جي ايم پي ايز سنڌ اسيمبلي ۾ التوا واري رٿ جمع

ismail-rahu-rath

سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڪڻڪ جا خريداري مرڪز کولڻ ۽ عام آبادگارن کي بارداڻو ڏيڻ لاءِ نواز ليگ جي ايم پي ايز سنڌ اسيمبلي ۾ التوا واري رٿ جمع ڪرائي آهي.

نواز ليگ جي اسماعيل راهو ، سورٺ ٿيٻو ۽ ٻين ميمبرن سنڌ اسيمبلي  جي سيڪريٽري وٽ التوا واري رٿ جمع ڪرائي آهي.

التوا واري رٿ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڪڻڪ جا خريداري مرڪز کولي ۽ عام آبادگارن کي بارداڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*