لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڪڻڪ جي خريداري لاءِ 12 لک 70 هزار ٻوريون هدف مقرر

wheat

لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڪڻڪ جي خريداري لاءِ 12 لک 70 هزار ٻوريون هدف  مقرر ڪيو ويو آهي، پر خريداري مرڪز نه کلڻ سبب آبادگار ڪڻڪ واپارين کي سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن.

لاڙڪاڻي ڊيوزن ۾ ڪڻڪ جي خريداري لاءِ  68 مرڪز قائم ڪيا  ويا آهن ۽ خوراڪ کاتي پاران 9 لک 64 هزار هڪ سئو  ٻورين جو بارداڻو اماڻيو ويو آهي.

سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ جو خريداري اگهه 13 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ باوجود خريداري مرڪزن تان عملدار غائب آهن، جنهن ڪري آبادگار واپارين کي ڪڻڪ في مڻ اگهه 11 سئو رپيا وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن.

 سنڌ سرڪار پاران گذريل سال في ايڪڙ تي 11 ٻوريون بارداڻو مقرر ڪيو ويو، پر هن سال في ايڪڙ تي 4 ٻوريون ڏنيون پيون وڃن، جنهن ڪري آبادگار سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ضلعن ۾ ڪڻڪ جا  13 گدام آهن، جن ۾ صرف 4 لک 50 هزار ٻورين جي گنجائش آهي ۽ گذريل سال جون 2 لک پوريون کليل آسمان هيٺ پيل آهن…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*