عمران خان آچر ڏينهن شام 6 وڳي پنهنجي آفيس مان قوم کي خطاب ڪرڻ لاءِ سرڪاري ٽي وي کي لائيو نشر ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو

Imran-Khan-Speech-24-2-16

تحريڪ انصاف جَي سربراهه عمران خان آچر ڏينهن شام 6 وڳي پنهنجي آفيس مان قوم کي خطاب ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سرڪاري ٽي وي کي خطاب لائيو نشر ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه عمران خان جي فيصلي جي حمايت ڪري ڇڏي.

پي ٽي آءِ ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان آچر ڏينهن شام 6 وڳي پنهنجي آفيس مان قوم کي خطاب ڪندو.

ترجمان موجب، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جو خطاب لائيو نشر ڪرڻ لاءِ سرڪاري ٽي وي جي انتظاميا کي خط  لکيو ويو آهي.

ترجمان چيو ته عمران خان سرڪاري ٽي وي تي خطاب دوران حڪومت پاران شوڪت خانم اسپتال جي فنڊز ۾ گهوٻين بابت الزامن جو جواب ڏيندو.

قومي اسميبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه به عمران خان جي فيلي جي حمايت ڪندي چيو ته سرڪاري ٽي وي ڪنهن جي جاگير نه آهي، عمران خان جو خطاب لائيو نشر ٿيڻ گهرجي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*