قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، پي ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪرڻ واري عمران خان جي موقف حمايت

khurshid shah 03-02-16

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، پي ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪرڻ واري عمران خان جي موقف  حمايت ڪندي چيو آهي ته سرڪاري ٽي وي ڪنهن جي جاگير ناهي، ماضي وانگر اسان کي هاڻي به بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته پـِي ٽـِي وِي پبلڪ پراپرٽي آهي، سرڪاري ٽي وي قوم جي ٽيڪس جي پئسن سان هلندي آهي.

هن چيو ته عمران خان پاران پي ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪرڻ واري موقف جي حمايت ڪيان ٿو، سرڪاري ٽي وي تي به اپوزيشن جي ميمبرز جون تقريرون لائيو ڏيکاريون وڃن.

خورشيد شاهه چيو ته ماضي وانگر هاڻي به اسان کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي ۽ عمران خان سميت ٻين اپوزيشن ميمبرز جون تقريرون سرڪاري ٽي وي تي نٿيون ڏيکاريون وڃن.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته حڪومت جي اڪثر ميمبرز پاناما ليڪس جي الزامن جي جاچ لاءِ آزاد ڪميشن جوڙڻ واري سندس موقف جي حمايت ڪئي آهي، پرويز رشيد صحيح چوي ٿو ته ڪير به کير جو ڌوتل ناهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*