وزيراعظم جي پٽن پنهنجا اثاثا نه لڪايا آهن، پي ٽي آءِ جو ڪوڙ اڳ جيان هيل به وائکو ٿي پوندو:پرويز رشيد

shah-parveez

قومي اسيمبلي ۾ پاناماليڪس جي انڪشافن ۽ الزامن تي بحث دوران وفاقي وزير پرويز رشيد ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز وچ ۾ ڏندچڪ ٿي، پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم جي پٽن پنهنجا اثاثا نه لڪايا آهن، پي ٽي آءِ جو ڪوڙ اڳ جيان هيل به وائکو ٿي پوندو،  شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا پاناماليڪس جي انڪشافن جي جاچ به شروع ڪري ڏني، پر هتي حڪومت کي هي معاملو اهم نٿو لڳي، ڳالهه نه  ٻڌئي وئي ته پوءِ هـُـو رستن تي ايندا.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاناما ليڪس سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس ۾ وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي پٽن پنهنجا اثاثا نه لڪايا آهن، پي ٽي آءِ جو ڪوڙ اڳ جيان هيل به وائکو ٿي پوندو.

هن چيو ته آف شور ڪمپنين جو غير قانوني استعمال نه ٿيڻ گهرجي، وزير اعظم نواز شريف جي پٽن قوم کان اثاثا نه لڪايا آهن.

پرويز رشيد چيو ته جهڙي ريت هاڻي نواز ليگ تي الزام مڙهيا پيا وڃن، ساڳئي طرح ماضي ۾ نصير الله بابر شهباز شريف مٿان الزام لڳائڻ کانپوءِ کانئنس معافي ورتي هئي.

پرويز رشيد چيو ته الزام مڙهيندڙ گنگا مان وهنجي نه آيا آهن، عمران خان شوڪت خانم اسپتال جي فنڊز ذريعي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي.

ايوان ۾ پرويز رشيد جي تقرير دوران حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز ۾ ڏند چڪ ٿي، جنهن دوران ايوان ۾ رڳو گو نواز گو ۽ گو عمران گو جا نعرا ٻڌڻ ۾ آيا.

پي ٽي آءِ جي شاهه محمود قريشي چيو ته  حڪومت چئي رهي آهي ته پاناما ليڪس اهم معاملو نه آهي، جيڪڏهن معاملو اهم نه هجي ته آئر لينڊ جو وزير اعظم مستعفي نه ٿئي ها.

هن چيو ته سموري دنيا ۾ پاناما ليڪس ذريعي ٿيل انڪشافن جي جاچ شروع ڪئي وئي  آهي، يورپ ۽ امريڪا جي ايوانن توڙي عوام معاملي تي بحث ۾ رڌل آهن، مسئلو مخالف ڌر شروع نه ڪيو آهي، پاناما ليڪس ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ پاڪستانين جا نالا شامل آهن.

شاهه محمود قريشي چيو ته پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙيو وڃي، جڏهن ته ڪميشن کي فورنزڪ آڊٽ جو تجربو رکندڙ عالمي فورم معاونت ڪري.

پيپلز پارٽي جي شازيه مري چيو ته پاناما ليڪس ڪو عام مسئلو نه آهي، انڪشافن ۾ وزير اعظم نواز شريف سميت سوين پاڪستانين جا نالا شامل آهن.

هن چيو ته هڪ نيب آفيسر جي گهرواري جو هار سيلون ۾ رهجي وڃڻ سبب نيب عملدارن اتي ڇاپو هنيو، ملڪ جو ناڻي تي ڌاڙي باوجود قومي احتساب بيورو خاموش آهي.

شازيه مري چيو ته کين اهڙو ڪوبه ڪميشن قبول نه آهي، جنهن ۾ رڳو منصوبا ٺاهيا وڃن، جيڪڏهن وزير اعظم سنجيده آهي ته پوءِ هو پنهنجي ذميواري کان ڌار ٿي وڃي.

پيپلز پارٽي پاران ايوان جي ڪارروائي لائيو نشر نه ڪرڻ خلاف رٿ جمع ڪرائي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته سرڪاري ٽي وي تي ايوان جي ڪارروائي نه ڏيکارڻ زيادتي آهي.

ايوان ۾ پاناما ليڪس جي انڪشافن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*