حيدرآباد سينٽرل جيل جي ڀت ڪري پئي وڏي وزير نوٽيس ورتو

حيدرآباد سينٽرل جيل جي  40 فوٽ ڀت ڪري پئي، جنهن سان جيل انتظاميه پاران سڪيورٽي سخت ڪرڻ واري پت وائکي ٿي پئي آهي، وڏي وزير ڀت ڪرڻ نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

حيدر آباد سينٽرل جيل جي 40 فوٽ ڀت ڪري پئي، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته ڪمزور ڀت جي مرمت نه ٿيڻ سبب ڀت ڪري پئي،

حيدر آباد سينٽرل جيل ۾ هاءِ پروفائل ڏوهارين سميت 100 کان وڌيڪ قيدي ڦاهي جا منتظر آهن.

جيل انتظاميا موجب سينٽر جيل جي ڪريل ڀت جو تيزي سان مرمتي ڪم جاري آهي، جنهن دوران سڪيورٽي به سخت ڪئي وئي آهي.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سينٽرل جيل حيدرآباد جي ڀت ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺيندي انتظاميا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 وڏي وزير آءِ جي ۽ رينجرز عملدارن کي جيل جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*