لاڙڪاڻي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿي ويل ماءُ ۽ ڌيءَ جي لاهور جي گلبرڪ واري علائقي ۾ تدفين ڪئي وئي

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿي ويل ماءُ ۽ ڌيءَ جي لاهور جي گلبرڪ واري علائقي ۾ تدفين ڪئي وئي، جڏهن ته بيهوش ٿيل ٻن نينگرين کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ لاءِ فوتي عورت جي مڙس کي حراست ۾رکيو ويو آهي.

جاڙل شاهه ۾ گذريل ڏينهن لاهور کان آيل مسمات امبر سندس 11 ورهين جي ڌيءَ هني، 10 ورهين جي پمي ۽ 7 ورهين جي ماهنور پر اسرار طور بيهوش ٿي ويون هيون، جن کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي مسمات امبر ۽ ان جي 11 ورهين جي ڌيءَ هني فوت ٿي ويون هيون.

فوتي عورت ۽ سندس ڌي جا مڙهه لاهور اماڻيا ويا، جتي گلبرڪ واري علائقي ۾ سندن مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته بيهوش ٿيل نينگري پمي ۽ ماهنور کي ڳڻتي جوڳي حالت ڪراچي منتقل ڪيو ويوآهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري ماهنور هوش ۾ اچڻ بعد ٻڌايو ته هنن رات جو برياني کاڌي ۽ سمهڻ کان اڳ سندن امڙ کيس دوا پياري جنهن کانپوءِ هن جي حالت خراب ٿي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ماهنور جي طبيعت درست نه هجڻ ڪري پوري طرح بيان نه ورتو يو آهي ۽ سندس وڏي ڀيڻ پمي کي هوش ۾ اچڻ بعد کانس بيان ورتو ويندو.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جاچ لاءِ کاڌي ۾ استعمال ٿيندڙ برياني جا سيمپل ۽ ٿائون به هٿ ڪيا ويا آهن، ۽ فوتي عورت جي مڙس جاويد مسيح کي حراست ۾ رکيو ويو آهي، جنهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

فوتي عورت امبر جي مڙس جاويد مسيح جو چوڻ هو ته هو لاهور جي گلبرڪ واري علائقي جا رهواسي آهن، جيڪي عورت امبر جي لاڙڪاڻي جي شيخ زيد اسپتال مان علاج ڪرائڻ لاءِ آيا هئا.

جاويد مسح ٻڌايو ته هو پ پ اڳواڻ مظهر جوڻيجو جي خالي پيل جگهه تي ترسيل هئا، جتي رات کين  برياني ڏني وئي جيڪا کائڻ سان سندس ڪٽنب جي حالت خراب ٿي وئي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*