نوابشاهه ۾ گهر ڊاهڻ دوران ديوار ۾ نصب ٿيل هڪ هينڊ گرنيڊ ۽ ڦٽاڪا ٺاهڻ جو مواد هٿ ڪيو ويو

nawabshah-heand-graend

نوابشاهه ۾ گهر ڊاهڻ دوران ديوار ۾ نصب ٿيل هڪ هينڊ گرنيڊ ۽ ڦٽاڪا ٺاهڻ جو مواد هٿ ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

سيد آباد محلي ۾ نئي سر تعمير لاءِ  گهر ڊاهڻ دوران هڪ هينڊ گرنيڊ هٿ ڪيو ويو ۽ ان دوران ڦاٽاڪا ٺاهڻ جو به سامان  هٿ ڪيو ويو.

گهر مالڪ پاران اطلاع ڏيڻ تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن موقعي تي پهچي هٿ آيل هينڊ گرنيڊ ۽ ٻيو بارودي مواد تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

ايس ايس پي شهيد بينظير آباد پرويز عمراڻي چيو ته هينڊ گرنيڊ گهر جي ديوار ۾ نصب ٿيل هو، جيڪو ڪافي وقت پراڻو لڳي ٿو.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته هينڊ گرنيڊ ۽ هٿ آيل بارودي مواد تحويل ۾ ورتو ويو آهي، جنهن جي بابت جاچي ڪئي پئي وڃي.

گهر مالڪ محمد انور شيخ جو چوڻ هو ته هن 16 سال اڳ هڪ پوليس عملدار کان گهر خريد ڪيو هو، جيڪو هن وقت فوت ٿي ويو آهي.

گهر مالڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته نئين سر تعمير ڪرائڻ لاءِ هن گهر ڊهرايو پئي ته ديوار مان بم هٿ آيو آهي، جنهن بابت هن کي ڪابه ڄاڻ ناهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*