پارٽي جي يوم تاسيس جو جلسو هر صورت ۾ ايف نائين پارڪ ۾ ئي ڪيو ويندو: نعيم الحق

pti-naim-ul-haq24-8

تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته پارٽي جي يوم تاسيس جو جلسو هر صورت ۾ ايف نائين پارڪ ۾ ئي ڪيو ويندو، چوڌري نثار پنهنجي بيانن سان ڏڦيڙ ڦهلائي رهيو آهي.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي پي ٽي آءِ ترجمان نعيم الحق چيو ته پارٽي جي يوم تاسيس جو جلسو 24 اپريل تي ايف نائين پارڪ ۾ ئي ڪيو ويندو.

هـُن چيو ته ڊي چوڪ تي جلسي جي اجازت نه ملڻ واري کانپوءِ ايف نائين پارڪ ۾ جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ان لاءِ جلد انتظاميه کي به درخواست ڏني ويندي.

نعيم الحق چيو ته چوڌري نثار پنهنجي بيانن سان ڏڦيڙ نه پکيڙي، گهرو وزير جي بيان تي عمران خان مشاورت ڪري رد عمل ظاهر ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*