پاڪستان عوامي تحريڪ، پاناما ليڪس جي انڪشافن بعد وزيراعظم خلاف ڪارروائي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

Lahore-High-Court

پاڪستان عوامي تحريڪ، پاناما ليڪس جي انڪشافن بعد وزيراعظم خلاف ڪارروائي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

ايڊووڪيٽ اشتياق چوڌري پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي اليڪشن ڪميشن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ وزيراعظم کي ڌر بڻايو ويو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پاناما ليڪس جي انڪشان مان ثابت ٿي ويو آهي ته وزيراعظم نواز شريف 2013 واري چونڊن جي نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجا اثاثا ظاهر نه ڪيا.

درخواستگذار موجب، وزيراعظم نوازشريف پنهنجي اثاثن بابت قوم سان غلط بياني ڪئي آهي، عدالت وزيراعظم خلاف ڪارروائي ۽ پاناما جي انڪشافن تي جاچ جو حڪم جاري ڪري.

واضح رهي ته وزيراعظم خلاف اڳ ئي2 درخواستون لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن،جنهن تي عدالت شريف ڪٽنب کي نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*