چين ۾ لينڊسلائيڊنگ سبب 45 پاڪستاني سياح 10 ڏينهن کان ڦاٿل

chaina-lead

چين ۾ لينڊسلائيڊنگ سبب 45 پاڪستاني سياح 10 ڏينهن کان ڦاٿل آهن، پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستاني سياحن جي ڏيهه واپسيءَ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

چين جي شهر تاشگور ۾ موسم خراب هئڻ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب گهمڻ لاءِ ويل 45 پاڪستاني گذريل 10 ڏينهن کان ڦاٿل آهن.

سياح شاهزيب جو چوڻ آهي ته هو گذريل 10 ڏينهن کان تاشگور وٽ جبلن ۾ ڦاٿل آهن، وٽن کائڻ ۽ علاج لاءِ ڪا به شئي نه بچي آهي، حڪومت کي اپيل ڪريون ٿا ته سندن واپسي لاءِ سفارتي قدم کنيا وڃن.

ڪي پي جي اطلاعات واري وزير مشتاق غني جو چوڻ آهي ته چين ۾ ڦاٿل سياحن مان اڪثر جو واسطو ڪي پي سان آهي. وفاق کي اپيل آهي ته سياحن جي واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن.

هوڏانهن پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا جو چوڻ آهي ته چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي سياحن جي ڏيهه واپسي لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*