پاناما ليڪس جي انڪشافن سان ملڪ جي بدنامي ٿي آهي: سيد قائم علي شاهه

Qaim-Ali-Shah-16-1

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پاناما ليڪس جي انڪشافن سان ملڪ جي بدنامي ٿي آهي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نگراني ۾ ڪميشن جوڙي معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي، حڪومت جي اعلانيل ڪميشن مان ڪنهن به نتيجن جي اميد ناهي.

ٽٺي ۾ حادثي دوران فوت ٿي ويل پ پ ڪارڪنن جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پاناما ليڪس جي انڪشافن کانپوءِ ملڪ جي وڏي بدنامي ٿي آهي.

وڏي وزير چيو ته پ پ معاملي جي جاچ  لاءِ اعلانيل ڪميشن کي رد ڪري چڪي آهي، ان لاءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙي وڃي، جنهن کي هر قسم جو گهربل سهڪار فراهم ڪيو وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جو موقف پنهنجو ۽ هنن جو پنهنجو آهي، تنهن هوندي به ڪجهه معاملن تي ڳالهيون ۽ ڪجهه معاملن تي اتحاد به ٿي سگهي ٿو.

ان کان اڳ وڏي وزير روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل پ پ ڪارڪنن جي وارثن کي 2-2 لک رپين جا چيڪس ڏنا ۽ پونئرن کي روزگار ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

سينيٽر سسئي پليجو، صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، ارباب وزير ميمڻ ۽ صادق ميمڻ به وڏي وزير سان گڏ هئا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*