پاناما ليڪس واري معاملي جي جاچ بابت وزيراعظم ۽ گهرو وزير جي بيان ۾ ڪو به تضاد نه آهي:پرويز رشيد

parveez-rashid

وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته پاناما ليڪس واري معاملي جي جاچ بابت وزيراعظم ۽ گهرو وزير جي بيان ۾ ڪو به تضاد نه آهي، گهرو وزير چوڌري نثار پاران جاچ بابت ڪيل آڇ تي عمران خان جي جواب جو انتظار آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته عمران خان جي تسلي لاءِ پاناما ليڪس واري معاملي جي هر طريقي سان جاچ ڪرائي ويندي.

هن چيو ته  عمران خان بار بار پنهنجو موقف تبديل ڪري رهيو آهي پر عمران خان جي تسلي لاءِ هر سطح تي جاچ ڪرائي ويندي.

صحافين پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي پرويز رشيد چيو ته هو عمران خان جي ڪوڙ کي بي نقاب ڪندا رهندا آهن، پاناما ليڪس واري معاملي تي وزيراعظم ۽ گهرو وزير جي بيان ۾ ڪو به تضاد نه آهي.

پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته گهرو وزير چوڌري نثار پاران جاچ بابت ڪيل آڇ تي عمران خان جي جواب جو انتظار آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*