وفاقي سرڪار، پاناما ليڪس جي الزامن جي جاچ بابت عدالتي ڪميشن جي سربراهي لاءِ جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال سان رابطو ڪري ورتو

nawaz

وفاقي سرڪار، پاناما ليڪس جي الزامن جي جاچ بابت عدالتي ڪميشن جي سربراهي لاءِ جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال سان رابطو ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال حڪومت کان جواب لاءِ مهلت طلب ڪئي آهي.

ذريعن موجب، اڳوڻي چيف جسٽس تصديق حسين جيلاني، جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ ۽ جسٽس رٽائرڊ سائر علي جي انڪار بعد حڪومت پاناما ليڪس جي الزامن جي جاچ لاءِ تجويز ڪيل انڪوائري ڪميشن لاءِ جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال سان رابطو ڪيو آهي.

ذريعن موجب، جسٽس جاويد اقبال حڪومت پاران رابطي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته کيس سوچڻ لاءِ هڪ ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي، جنهن بعد هو فيصلو ڪري حڪومت کي آگاهه ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪميشن جي قيام لاءِ قاعدن ۽ ضابطن تي مشاورت مڪمل ڪئي آهي، جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال پاران راضپي جي صورت ۾ ڪميشن جي قيام جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال سپريم ڪورٽ جو جج ۽ ايبٽ آباد ڪميشن جو سربراهه به رهي چڪو آهي.

واضح رهي ته اڳوڻو چيف جسٽس تصديق حسين جيلاني، جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ ۽ جسٽس رٽائرڊ سائر علي ڪميشن جي سربراهي کان انڪار ڪري چڪا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*